جسڪاڻي لعل بخش

جسڪاڻي لعل بخش

لعل بخش جسڪاڻي ڊاڪٽر

لعل بخش جسڪاڻي، ڊاڪٽر: پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، ڪوٽڏيجيءَ کان ڇھه ڪلوميٽر اولهه طرف ڳوٺ جسڪاڻيءَ ۾ پھرين جنوري 1946ع تي قائم خان جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. چار درجا سنڌيءَ جا پنھنجي ڳوٺ ۾ پڙهي ڪوٽڏيجي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي. سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مــان بـي. اي ۽ سـنـڌ يـونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سماجيات) ترتيبوار 1966ع ۽ 1968ع ۾ ڪيائين. 1972ع جي آخر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سماجيات (سوشيالاجي) شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتان بعد ۾ يونيورسٽيءَ جي پھرئين تحقيقي تدريسي مرڪز، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي پھرئين استاد (Faculty Founding Member) طور شامل ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ تاريخ جي شعبي جي گڏيل سربراهه هئي. هن ڊاڪٽر حميده کهڙو جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر کي هڪ جديد تحقيقي ۽ تدريسي مرڪز طور اڀارڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. نتيجي طور محققن اسڪالرن لاءِ وسيلن جي مرڪز طور هن شعبي ۾ جديد قسم جي لائبريري قائم ٿي، جنھن ۾ ڏهن هزارن کان مٿي پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ جي اهم موضوعن تي چونڊ ۽ نوان ڪتاب شامل ڪيا ويا. پروفيسر جسڪاڻي سينئر استاد جي حيثيت ۾ تحقيق جي طريقن جھڙي اهم مضمون پڙهائڻ سان گڏ ايم. اي فائنل جي شاگردن جي لازمي مضمون جي تحقيقي مقالن جي تياريءَ لاءِ رهنما طور به ڪم ڪيو. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين جو سٺو ليکڪ، ٻه سئو کان مٿي تحقيقي مقالا لکي چڪو آهي، جن مان ڪجهه ڇپيل ۽ ڪجهه اڻ ڇپيل آهن. سندس پھريون ڪتاب ’سماجيات جو تعارف‘ علم سماجيات بابت ملڪ جي چئن وڏين ثقافتن (سنڌي، بلوچي، پشتون، پنجابي) ۽ انهن جي سماجي سرشتن تي هڪ ضخيم ۽ سائنسي بنيادن تي تيار ٿيل پھريون تحقيقي ڪتاب آهي. هن جي ٻين ڪتابن ۾: ’سيد ۽ انقلابين جي صدي'>جي ايم سيد ۽ انقلابين جي صدي‘، ’عمر سڀ عشق سين‘، ’غلام رباني آگرو‘ (سوانح)، ’منھنجي سنڌ جا ساڃاهه وند‘، ’Arts & Crafts of Sindh‘، ’Sindh Studies: Culture & History‘ ۽ ’Archeology of Sindh‘ شامل آهن. رٽائرمينٽ کان پوءِ تحقيقي ۽ تدريسي ڪمن سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ مصروف زندگي گذاري رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.01.01  عيسوي

لعل بخش جسڪاڻي ، ڪوٽڏيجيءَ کان ڇهه ڪلوميٽر اولهه طرف ڳوٺ جسڪاڻيءَ ۾ پهرين جنوري 1947ع تي قائم خان جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصغر سنڌي
سنڌ ابن علي
چارڻ نظير احمد ڊاڪٽر
چاڳلا غلام علي
بخشڻ سومرو
رامانج آچاريه
الهه بچايو کوسو
رابرٽ ايڇ گوڊارڊ
ابو جعفر طوسي رح
چواين لاءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون